شفيع محمد ميان حڪيم

شفيع محمد ميان، حڪيم: ميان شفيع محمد، ڪلهوڙا دور جو نامور حڪيم ٿي گذريو آهي. هي حاجي محمد حافظ ڏوٻي جي خاندان مان هو. نامور حڪيم ۽ اديب نياز همايونيءَ لکيو آهي ته، “ميان شفيع محمد ڏک ڏاکڙا سهي ڪيترن ملڪن جا ڪشالا ڪڍي، اڪثر علمن ۾ ڪامل مهارت حاصل ڪئي. طب ۾ وڏو عالم ۽ علم تشريح جو تمام ماهر هو. ڪيترو وقت انهيءَ علم جي تصنيف تاليف ۾ صرف ڪيائين. اکين جي تشريح ۽ بيمارين بابت هڪ ضخيم ڪتاب جي تياريءَ ۾ مشغول رهندي 1174هه ۾ وفات ڪري ويو. هن فن جي تحصيل لاءِ ڪيترائي سفر ڪيا ۽ سختيون برداشت ڪيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو